سرمست ڪتابي سلسلو

سرمست ڪتابي سلسلو

سرمست ڪتابي سلسلو

سرمست ڪتابي سلسلو: ’سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور، 1981ع کان سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي باقاعدي ’سرمست‘ عنوان سان ڪتابي سلسلو شروع ڪيو، جنهن جون 1981ع کان 2012ع تائين 33 ڪڙيون شايع ٿي چڪيون آهن، جن جو مختصر تعارف هيٺ ڏجي ٿو:
سرمست- 1: سرمست جي هن پهرين ڪڙيءَ ۾ ’سچل سرمست ادبي ڪانفرنس‘ 1980ع ۾ پڙهيل مقالا ۽ شاعري ڏني وئي آهي. ڪتابي سلسلي جو مرتب تنوير عباسي آهي، جنهن ’پنهنجي پاران‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته:
”هن سال کان اسان هي اشاعتي سلسلو شروع ڪري رهيا آهيون، اميد ته هر سال هيءُ ڪتاب سچل سرمست جي فلسفي، فن ۽ شاعريءَ جي باري ۾ مضمونن سان سنوارجي شايع ٿيندو. . . . . اميد ته هن ڪتاب جي شروع ٿيڻ سان سچل سرمست تي اوچي معيار جي ۽ سنجيده تحقيق شروع ٿيندي.“
هن سلسلي جو پهريون مضمون ’سچل سرمست يادگار ڪميٽي: تعارف ۽ پسمنظر‘ هادي بخش لاڙڪ جو لکيل آهي.
ادبي مقالن ۾ هيٺيان مقالا شامل آهن: (1) ’سچل جي شاعريءَ ۾ محبوب جو تصور‘ (ڊاڪٽر غلام علي الانا)، (2) آغا صوفيءَ وارو سچل سرمست جو رسالو (ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو)، (3) ڪجهه غلط روايتون (عطا محمد حامي)، (4) وحدت ۾ ڏاهپ: سرود مالڪوس جي بنياد تي (ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو)، (5) حضرت سچل سرمست (علي اڪبر درازي)، (6) سچل سرمست جي ڪلام سان ڪيل زيادتين جا ڪجهه تفصيل (ڊاڪٽر نواز علي شوق)، (7) سچل جو مڪتب، خيال ۽ ڪردار (رشيد ڀٽي)، جڏهن ته شمشير الحيدري، امداد حسيني، قاضي علي اڪبر درازي، استاد بخاري، نواز علي شوق، قطب الدين تاب، مختيار ملڪ ۽ نظام الدين زائر جي شاعري ڏني وئي آهي. ابتدا ۾ آرٽ پيپر تي سچل سائينءَ جي روضي جي تصوير ڏنل آهي، جڏهن ته وزير تعليم ۽ ثقافت سيد غوث علي شاهه جو پيغام، غلام محمد ميمڻ (ڊي. سي ۽ چيئرمئن سچل سرمست يادگار ڪميٽي) هادي بخش لاڙڪ (سيڪريٽري سچل سرمست يادگار ڪميٽي) جي تصويرن کانپوءِ ’سچل سرمست جا مرتب ۽ شارح‘ عنوان هيٺ مرزا علي قلي بيگ، آغا غلام نبي صوفي، مولوي محمد صادق راڻيپوري، عثمان علي انصاري، نماڻي فقير، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، رشيد احمد لاشاري، ڄيٺمل پرسرام، قاضي علي اڪبر درازي، لعل چند امرڏنيمل جون تصويرون ۽ آخر ۾ 1980ع جي ادبي ڪانفرنس جي خاص مهمانن: پير حسام الدين راشدي ۽ آغا رفيق حسن، ڪمشنر سکر ڊويزن جون تصويرون ڏنيون ويون آهن.
85 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي رسالو، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي خيرپور 1981ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 8 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو